جون آف آرڪ

جون آف آرڪ

جون آف آرڪ

جون آف آرڪ: فرانس جي انقلابي عورت جون آف آرڪ، 1412ع ۾ فرانس جي هڪ ڳوٺ ڊومري ۾ ڄائي. سندس پيءُ هاري هو. جون آف آرڪ اڳتي هلي فرانس جي آزاديءَ جي اهم محرڪ بڻي. جون آف آرڪ ننڍڙي هـونـدي تـعـلـيم نـه پـرائي سـگهـي، پـر ننڍپڻ کان ئي هن جو مذهبي عقيدي ۾ پـڪـو ويـسـاهه هـونـدو هـو. ماءُ جي تربيـت هن ۾ خصـلـتن وارا گـڻ پيـدا ڪيا. هن جيئن ئي هوش سنڀاليو ته انگـريـز فوجيـن فرانس ۾ بادشاهه جي تاجپوشيءَ واري مقام ’ريمز‘ تي قبضو ڪـري ورتو. تيـزيءَ سـان فـرانـس تـي قبضو ڪنديون ويون. ان وچ ۾ چارلس جي حقيقـي جـانشيـن ڊوفـن ۽ ڊيـوڪ آف برگنڊي ’فلپ‘ جي وچ ۾ بادشاهت حاصل ڪرڻ لاءِ سرد جنگ هلندي رهي. ڊيوڪ آف برگنڊي فلپ انگريزن جو ساٿ ڏنو ۽ فرينچ انگريزن جي ارهه زوراين هيٺ ايندا ويا. نت نئين ڏينهن انگريز فوجين ’ريمز‘ جي اوسي پاسي وسندڙ فرينچن جون وسنديون ڊاهڻ شروع ڪيون ۽ کين عتاب هيٺ رکڻ لڳا. جنهنڪري فرانس جي باشندن اتان لڏڻ شروع ڪيو. چيو وڃي ٿو ته انهن ئي ڏينهن ۾ جون آف آرڪ کي ننڊ دوران الهامي آواز ذريعي پنهنجي هم وطنن جي مدد ڪرڻ جا اشارا ٿيندا هئا، ان بابت هن فرينچ پادريءَ سان جڏهن اهڙي قسم جي راز جي ڳالهه ڪئي ته ان به اهڙي ڪشف جي تصديق ڪئي. تڏهن اها ڳالهه فرانس جي عام ماڻهن تائين پهتي ته اهي کيس ٽوڪڻ لڳا، پر ارادي جي مضبوطيءَ سان هيءَ پنهنجيءَ ڳالهه تي ڄميل رهي. آخرڪار علائقي جي گورنر رابرٽس، کيس قافلي سميت ڊوفن ڏانهن موڪليو. رستي ويندي هنن جو انگريز فوج سان مقابلو ٿيو، جنهن ۾ جون آف آرڪ جي قافلي کي سوڀ حاصل ٿي. رستي ويندي انگريز فوج هٿان سڙيل هڪ ڳوٺ جي چرچ مان هن کي هڪ تلوار هٿ آئي. ان بعد ساڻس قافلي ۾ شامل سڀني فرانسيسي باشندن سندس آڏو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته ان وقت اها ڳالهه مشهور هئي ته جنهن وٽ اها تلوار هوندي، اهو ئي فرانس جي حفاظت ڪندو. ڪجهه ڏينهن جي سفر بعد جون آف آرڪ ڊوفن جي درٻار ۾ پهتي. هن تخت ڇڏي سپاهين سان هيٺ بيٺل ڊوفن کي سڃاڻي ورتو، جنهن تي ڊوفن کي عجب لڳو ۽ سندس جون آف آرڪ ۾ ويساهه وڌي ويو. ان وقت هن کي ’لارنس جي ڪنواري‘ سڏيو ويندو هو. ڊوفن ان وقت جو محب وطن بادشاهه هو. هن جون آف آرڪ جي جذبي ۽ قابليت کي ڏسي، 10 اپريل 1428ع تي کيس فوج جي ڪمانڊ ڏني، فوج جي ڪمانڊ سنڀالڻ بعد هن حضرت عيسيٰ عليه السلام جي نالي وارو جهنڊو هٿ ۾ کنيو ۽ 10 هزار فرانسيسي فوجين جي لشڪر سميت اورلين جي شهر تي ڪاهه ڪئي ۽ انگريزن سان معرڪو ڪيو. ان وقت فرانس جي فوج ۾ هي نعرو مقبول ٿيو ته ”وڙهو خدا ۽ فرانس لاءِ“. وڏي بهادريءَ سان هن انگريزن جي قبضي هيٺ آيل فرانس جي شهر ’اورلينز‘ کي پنهنجي قبضي ۾ آندو ۽ اتي ڊوفن کي وٺي ڇهين چارلس طور تاج پهرايائين. هن پيرس تان انگريزن جو قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ 1429ع ڌاري ڪيترا ڀيرا ڪاهون ڪيون، پر ناڪام رهي. 1430ع ڌاري ڪومبين تي ڪاهه وقت هيءَ انگريز فوج هٿان گرفتار ٿي پئي. سندس گرفتار ٿيڻ بعد ڊيوڪ آف برگنڊيءَ کيس مارائڻ چاهيو، پر ڪليسا مٿس ڪيس هلائڻ جو اعلان ڪيو. ۽ مٿس هيٺيان الزام هنيا ويا:
(1) جون آف آرڪ مَردن جي لباس ۾ جنگ وڙهي آهي.
(2) هن مقدس روحن سان ڳالهائڻ جي ڪوڙي دعويٰ ڪئي آهي، وغيره.
مٿس ٻن ججن تي مشتمل ڪورٽ ۾ ڪيس هلايو ويو. هن تي مقدس روحن سان ڳالهائڻ واري دعويٰ تان هٿ کڻائڻ لاءِ سخت تشدد ڪيو ويو ۽ اذيتون ڏنيون ويون، پر هن هار نه مڃي. نيٺ بودي جي پادري ’شين‘ هن کي جادوگرياڻي قرار ڏنو ۽ 30 مئي 1431ع تي کيس سزا ڏيندي ’روان‘ جي وچ بازار ۾ ڪاٺ جي داسي سان ٻَڌي کيس ساڙيو ويو. هن جي موت کان ست سال پوءِ 1437ع ۾ فرانسيسي فوجن، پئرس تي قبضو ڪري ورتو ۽ ملڪ آزاد ٿيو. ان کان پوءِ 1456ع ۾ فرينچ حڪومتجون آف آرڪ‘ جو ڪيس فرينچ حڪومت ٻيهر کولائي، عدالت ذريعي کيس بي ڏوهي قرار ڏنو. 1920ع ۾ ’پوپ بينڊيڪٽ پانز- 10‘ جون آف آرڪ کي عيسائي رسمن سان هڪ ولي صفت شخصيت قرار ڏنو. فرينچ قوم اڄ به هر سال 30 مئي تي جون آف آرڪ جو ڏينهن ملهائي کيس عقيدت پيش ڪندي آهي .


لفظ جون آف آرڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1412.00.00  عيسوي

فرانس جي انقلابي عورت جون آف آرڪ ، 1412ع ۾ فرانس جي هڪ ڳوٺ ڊومري ۾ ڄائي .


1431.05.30  عيسوي

جون آف آرڪ کي 30 مئي 1431ع تي سزا ڏيندي ’ روان ‘ جي وچ بازار ۾ ڪاٺ جي داسي سان ٻَڌي کيس ساڙيو ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اعجاز ٻرڙو
عبدالقادر بلو
ريحانه
اسماعيل شاهه بخاري
مير فتح علي خان ٽالپر
حسن خوشنويس
جان بابا مرزا ترخان
مولانا ابوالعتيق غلام صديق آصف چنجڻي
شيخ ابراهيم قاري شطاري سنڌي
شيما ڪرماني
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون